top of page

 

بلوچ نيشنل موومينٽ

منشور(سندھی)

 

1.پارٽي پروگرام

 

پارٽي بلوچ قوم کي سياسي ۽ فڪري طور تي مُتحرڪ ۽ مُنظم ڪرڻ ۽ بلوچ قوم جي قومي آزادي جي بحاليء لاءِ هيٺ ڏنل نُقطن تي جدوجهد ڪندي؛

 

 (i)بلوچ نيشنل موومينٽ بلوچ قومي آزاديءَ جي بحاليءَ جي لاءِ اقوامِ مُتحدا جي چارٽر موجب ”نيشنلزم“ جي نظرئي تحت جدوجهد ڪندي.

 

(ii)بلوچ نيشنل موومينٽ ڌاري آبادڪاري ڪندڙ قوتن هٿان بلوچ سرزمين جي ورهاست کي رد ڪندي بلوچ قومي وحدت جي تاريخي ،جاگرافيائي،لساني ۽ ثقافتي بُنيادن تي نئين سِر تشڪيل ڏيڻ ۽ بلوچ خِطن کي هِڪ پرچم هيٺ مُتحد ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندي.

 

(iii)بلوچ نيشنل موومينٽ بلوچستان تي قابض رياستن جي مُسلط ڪيل سياسي، پارلياماني ،انتظامي ۽ استعماري ڍانچي جوحصو نه بڻجندي.

 

(iv)بلوچ نيشنل موومينٽ بلوچ قومي آزاديءَ جي بحاليءَ خاطر جدوجهدِ آزاديء ۾ برسرِ پيڪار پارٽين سان گڏجي نظرياتي ، فِڪري ۽ انقلابي معيار تحت گڏيل محاذ جوڙڻ لاءِ جدوجهد ڪندي.

 

(v)بلوچ نيشنل موومينٽ بلوچ قوم جي قومي سياسي، معاشي، تعليمي ۽ ثقافتي ترقيءَ لاءِ بلوچستان ۾ سماجي انصاف،جمهوريت ۽ ترقيءَ تي مُشتمل سياسي ۽ سماجي ڍانچو تشڪيل ڏيڻ جي جدوجهد ڪندي.

 

(vi)بلوچ نيشنل موومينٽ ”بلوچي زبان“ کي بلوچ قوم جي قومي زبان تسليم ڪندي بلوچي ۽ براهوي ادب جي ترقي ۽ ترويج لاءِ خصوصي بندوبست ڪندي ۽ بلوچستان ۾ خوانده جي تعمير ۽ تشڪيل لاءِ مادري زبان ۾ تعليم رائج ڪرڻ جي جدوجهد ڪندي.

 

(vii)بلوچ نيشنل موومينٽ بلوچستان ۾ رائج استعماري ۽ نوآبادياتي قانونن کي ختم ڪري ان جڳھه تي مُثب بلوچ روايتن ۽ قدرن ،رسم ۽ رواجن کي انساني حقن جي عالمي منشور سان هم آهنگ قانونن تحت رائج ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻندي.

 

(viii)بلوچ نيشنل موومينٽ بلوچستان ۾ مذهبي تعصب ، فرقيوارانه دهشتگردي، قبائلي ۽ لساني عدم رواداري ۽ منافرت کي ختم ڪري بلوچ سماج ۾ اجتماعيت ، ڀائيچاري ۽ قومي ٻڌيءَ کي فروغ ڏيڻ لاء جدوجهد ڪندي.

 

اغراضِ مقصد :

 

بلوچ نيشنل موومينٽ بلوچ قومي آزاديءَ جي جدوجهد جي بنياد تي بلوچ قومي اقتدارِ اعليٰ جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪندي.پارٽي بلوچ قومي وطن تي بيروني قومن جي قومي بالادستي،قبضي ۽ بلوچ قوم جي قومي اقتدارِ اعليٰ کان محروم قابض قومن جي مُسلط ڪيل جابرانه ، استعماري ، سياسي ۽ سماجي ڍانچي کي بلوچ قوم جي سياسي، سماجي ۽ معاشي پسماندگيءَ جو بنيادي سبب سمجهي ٿي.

بلوچ قوم جي قومي ، سياسي ،  معاشي ، سماجي ،تعليمي ۽ ثقافتي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ موجوده جابرانه ، استحصالي ۽ قومي جبر ۽ بالادستيء تي مُشتمل استعماري نظام کان مُڪمل نجات حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندي.

 

(2) قومي معاشي پروگرام

 

بلوچ نيشنل موومينٽ بلوچستان ۾ قومي معيشت کي مخلوط طرز معيشت   (Mixed Economy)  جي بنياد تي استوار ڪري  قومي ۽ نجي ملڪيت ۽ سرمائي جي اشتراڪ سان هِڪ فلاحي معاشرو تشڪيل ڏيڻ جي جدوجهد ڪري ٿي، جنهن لاء هيٺ  ڏنل پاليسين تي عمل درآمد ڪيو ويندو.

 

(i)بلوچ نيشنل موومينٽ بلوچ قوم جي سياسي ، معاشي  ۽ ثقافتي مفادن کي ٻاهرين اجاراداري جي هر قسم جي  مُنفي اثرن  کان محفوظ رکندي بلوچ قوم جي آزادانه ۽ خودمختيار انه ترقيء کي يقيني بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪندي.

 

(ii)بلوچ نيشنل موومينٽ بلوچستان ۾ جاگيردارانه ۽ گماشتانه سرمائيداراڻي معيشت جي باقيات جو خاتمو ڪري  قومي معيشت جي تقاضائن مطابق صنعتي ۽ زرعي ترقيء کي مُمڪن بڻائيندي.ان مقصد جي حاصلات لاء مذدورن ، هارين ، ننڍن آبادگارن ،تاجرن ۽ ماهيگيرن جي معاشي ترقيءَ جي عمل ۾ شرڪت کي يقيني بڻائيندي کين سندن حقن جو تحفظ فراهم ڪندي ۽ قومي صنعتڪاريء سان گڏوگڏ نجي صنعت ۽ حرفت جي حوصلا افزائي پڻ ڪندي.

 

(iii)بلوچ نيشنل موومينٽ قومي مفادن سان ٽڪراء ۾ ايندڙ اندروني ۽ بيروني سرمائيڪاري ۽ گهڻ قومي ڪمپنين سان ڪيل سڀني عوام دُشمن معاهدن کي منسوخ ڪري بي فائدي سرمائيڪاري تي مڪمل پابندي عائد ڪندي.

 

(iv)سڀني گهڻ قومي ڪارپوريشنن ۽ مالياتي سرمائيدار ڪمپنين کي قومي مالياتي نظام سان هم آهنگ ڪيو ويندو ۽ مقامي صنعت ۽ حرفت کي استعماري سرمائيڪاري جي منفي اثرن کان محفوظ ڪيو ويندو.

 

(v)مقامي صنعت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ بيروني صنعت جي يلغار جو تدارڪ ڪيو ويندو ۽ کپت ۾ ايندڙ بيروني شين جي انحصار تي ڪنٽرول  ڪري  پاڻ ڀرائپ واري پاليسي اختيار ڪئي ويندي.

 

(vi)صنعت ۾ پبلڪ سيڪٽر جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. تمام ملڪي ۽ غير ملڪي بئنڪن ، انشورنس ڪمپنين ۽ قومي نوعيت جي وڏن وڏن مالياتي ادارن کي قومي مرڪزي بئنڪ جي مالياتي نظام ذريعي منسلڪ ڪيو ويندو.

 

(vii)وڏي اجارادري جي حوصلا شڪني ڪري وچولي ۽ ننڍي طبقي جي سرمائيڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي ۽ مساوي ترقيء جي حصول لاءِ بلوچستان ۾ موزون صنعتن جو ڄار وڇايو ويندو ۽ ٻاهرين ملڪن سان گڏيل دوستانه ۽ تجارتي تعلقات هموار ڪيا ويندا.

 

(viii)معدني وسيلن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ  لاءِ معدني صنعتون قائم ڪيون وينديون ۽ انهن سڀني قدرتي وسيلن تان اجاراداريون  ختم ڪري قومي تحويل ۾ ورتو ويندو.

(ix)بلوچستان ۾ گئس جي ذخيرن کي ترقي ڏيڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويندا ۽ انهن جي اجائي استعمال ۽ غير موزون تقسيم کي ڪنٽرول ڪيو ويندو.بلوچستان جي سڀني شهرن ۽ ٻهراڙين وارن علائقن ۾ گئس جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي ته جيئن صنعتن کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ گهريلو ضرورتن جي پورائي لاءِ شهرين کي سستو ٻارڻ مهيا ٿي سگهي.

 

(x)تيل جي ذخيرن کي دريافت ڪرڻ ۽ انهن کي ترقيء ڏئي زيرِ استعمال آڻڻ لاءِ خصوصي قدم کنيا ويندا ۽ انهن ذخيرن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ اندروني ضرورتون پوريون ڪرڻ سان گڏوگڏ  تيل مان پيد ا ٿيندڙ مصنوعات کي برآمد ڪري ناڻي جي مٽاسٽا ڪري سگهبي.

 

(xi)بلوچستان جي زمين اندر معدني وسيلن،تيل،گئس،ڪوئلي،يورينيم،لوھ،سلفر، تانبي،سون،چاندي،جپسم،ڪرومائيٽ ۽ ٻين معدنيات جي دريافت لاءِ بلوچ قومي مفادن کي نظر ۾ رکندي ترقي يافتا ملڪن سان معاهدا ڪيا ويندا.

 

(xii)مائننگ انڊسٽريءَ جي ترقيءَ ۽ توسيع لاءِ خاص انتظام ڪيا ويندا.جنهن لاءِ جديد مشينري ۽ اوزار فراهم ڪيا ويندا.

 

(xiii)بلوچستان مٿان قابض قومن جي مسلط ڪيل نيم جاگيرداراڻي ، فرسوده ۽ پُٺتي پيل پيداواري طريقن مان نجات حاصل ڪري زرعي معيشت کي جديد دورجي تقاضائن هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ”زرعي اصلاحات“ جي پاليسي اختيار ڪئي ويندي ۽ زرعي زمينن جي ملڪيتن جي حد گهٽ ۾ گهٽ 150 ايڪڙ نهري زمين  ۽ في يونٽ پيدوار جي حساب سان باراني زمين جي ملڪيت جي حد جو تعين ڪيو ويندو ۽ غير آباد زمينن کي بي زمين هارين ۾ ملڪيت جي حد جي تناسب سان تقسيم ڪيو ويندو.

 

(xiv)زرعي صنعت کي ترقي ڏيڻ لاءِ زراعت جي شعبي کي صنعت جو درجو ڏنو ويندو.آبادگارن ۽ هارين کي جديد قسم جا زرعي اوزار،ٽريڪٽر ، ٻج ،ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي مفت فراهمي ممڪن بڻائي  ويندي ۽ ان کان ڪنهن به قسم جو زرعي ٽيڪس ۽ آبياڻو (ڍل)  وغيره نه ورتو ويندو.

 

(xv)هارين ۽ ننڍن آبادگارن جي زرعي پيدوار ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ بنا وياج جي زرعي قرض ۽ ٻيون مالي گرانٽس ڏئي ٻني مزدورن ۽ پورهيتن جي حوصلا افزائي ۽ تحفظ لاءِ قانون ٺاهيا ويندا ۽ ٻني مزدورن ۽ پورهيتن کي تنظيم سازيءَ جو حق ڏنو ويندو.

 

(xvi)آبي ذخيرن کي ترقي ڏني ويندي.آبپاشيءَ جي نظام کي جديد ۽ بهتر بڻائڻ لاءِ زيرِ زمين آبي وسيلن جي استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ سيلابي پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ سڀني دريائن ۽ ندي نالن جي مٿان وڏا وڏا ڊئم ۽ چيڪ ڊئم پڻ تعمير ڪري انهن ذريعن مان فائدو حاصل ڪيو ويندو.

 

(xvii)بلوچ نيشنل موومينٽ  روزگار، تعليم ، اجهي ، علاج معالجي ۽ ٻين سمورين بنيادي سهولتن کي هر شهريء جو بنيادي حق تسليم ڪندي، هي ذميواريون رياست جي سپرد ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻندي.

 

(xviii)ٽيڪس جو موثر نظام قائم ڪرڻ لاءِ ترقي يافتا ملڪن جو استفادو ڪيو ويندو.روينيو جي وسيلن ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ مُعاشي ماهرن تي مُشتمل هِڪ ريسرچ سينٽر جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، جيڪو هِڪ فلاحي معاشري جي تشڪيل لاءِ قومي آمدنيءَ کي ترقياتي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ جي منصوبابندي ڪندو.

 

(3) ماهيگيري ۽ سامونڊي وسيلا

 

(i)ماهيگيري ۽ سامونڊي وسيلن کي ترقي ڏيڻ لاءِ ماهيگيرن کي جديد اوزار (جيڪي سامونڊي جيوت جي نسل ڪشيءَ جي ذمري ۾ نه اچن) ،آسان قسطن ۽ قرضن تي ٻيڙيون ،انجڻيون ، ڄار جي فراهمي ۽ فني تربيت لاءِ خصوصي انتظام ڪيا ويندا.سڀني ساحلي علائقن ۾ بندرگاهون ٺاهي مڇيءَ جي پيداوار کي جديد پيڪنگ ۽ انهن کي محفوظ رکڻ لاءِ ڪولڊ اسٽوريج ۽ فيڪٽرين جو قيام عمل ۾ آندو ويندو ۽ مڇيء جي پيدوار کي ٻاهرين ملڪن ۾ درآمد ڪرڻ لاءِ مقامي ۽ بين الا قوامي سطح تي مارڪيٽنگ جي ضمانت ڏني ويندي.

 

(ii)ڪوآپريٽو سوسائٽيون قائم ڪري فشنگ فارم ٺاهيا ويندا ۽ ماهيگيرن جو معاشي تحفظ يقيني بڻايو ويندو.

 

(4) مال مويشي ۽ جنگلي حيات جو تحفظ

 

(i)مال مويشيءَ جي افزائشِ نسل ۽ پالنا لاءِ ڪيٽل فارم ٺاهيا ويندا. خانا بدوش آباديءَ کي بنيادي انساني سهولتيون فراهم ڪرڻ لاءِ خصوصي قدم کنيا ويندا.انهن کي پاڻي ، بجلي ، رهائش ، تعليم ، علاج معالجي ،آمدرفت جا ذريعا ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا.مويشي جي افزائشِ نسل لاءِ ڪيٽل فارمن ۽ پوليٽري فارمن کي گهريلو صنعت جو درجو ڏنو ويندو ۽ کين بئنڪن مان قرضن کڻڻ جي سهولت ڏني ويندي.

 

(ii)جنگلي حيات جو تحفظ ڪيو ويندو.قدرتي چراگاهن، جنگلي جانورن ۽ پکين جي تحفظ ۽جنگلن جي ترقيءلاءِ خصوصي قانون بڻايا ويندا ۽ نيشنل پارڪ پڻ قائم ڪيا ويندا.

 

(iii)سير ۽ سياحت کي هَٿي وٺرائڻ لاءِ تفريحي ماڳن کي پُرڪشش بڻايو ويندو.سياحت جي شعبي کي به صنعت جو درجو ڏئي ان شعبي کي پڻ ناڻي ڪمائڻ جو اهم ذريعو بڻايو ويندو.

 

(5) مواصلات

 

(i)تجارت ۽ نقل و حمل جي ذريعن کي جديد دور جي تقاضائن مطابق بڻائيندي بلوچستان جي جاگرافيائي حالتن کي نظر ۾ رکندي ٽرانسپورٽ جو موثر نظام قائم ڪيو ويندو.روڊن ، پُلين ، ريلوي لائينن، بحري ۽ فضائي جديد مواصلاتي نظام جو هِڪ جامع نيٽ ورڪ تعمير ڪيو ويندو. بلوچستان جي سڀني علائقن کي پاڻ م ڳنڍيو ويندو.

 

(ii) انفارميشن ٽيڪنالاجي ،جديد اليڪٽرانڪ اوزار ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي ذريعي بلوچستان کي گلوبل وليج سان جوڙيو ويندو ۽ ان کي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي جديد ٽيڪنالاجي سان آراسته تعليم ۽ تربيت جا عالمي معيار جا ادارا قائم ڪياويندا.

(6) تعليمي پروگرام

 

(i)تعليمي ادارن ۾ نو آبادياتي ۽ جديد نو آبادياتي تعليمي نظام کي ختم ڪيو ويندو.قومي ضرورتن ۽ جديد دور جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي نئون تعليمي نصاب ترتيب ڏنو ويندو،جنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ، قومي تاريخ ، تهذيب ۽ تمدن ۽ مُثبت قومي قدرن جو خاص خيال رکيو ويندو، جيڪو ٻين بين القوامي يونيورسٽين لاءِ به قابل قبول هجي.

 

(ii)طبقاتي ۽ تجارتي بنيادن تي بيٺل تعليمي نظام کي ختم ڪري سڀني شهرين کي تعليم جون هڪجهڙيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.ڳوٺن ۾ بنيادي تعليم جا مرڪز کوليا ويندا.تعليم سڀني لاءِ مفت ۽ لازمي قرار ڏني ويندي.

 

(7) تهذيب ۽ ثقافت

 

(i)بلوچ تاريخي ورثي جي دريافت ۽ ان جي تحفظ لاءِ خاص قدم کنيا ويندا.

 (ii بلوچي ۽ براهوي زبانن کي اديبن ، شاعرن ، محققن ، فنڪارن ، مُصورن ۽  موسيقارن جي حوصلا افزائيءَ لاءِ خاص ادارا ٺاهيا ويندا.

 

(iii)بلوچي هٿ جي هُنر ، ڪاريگري ۽ تعميري نمونن کي ترقي ڏيارڻ ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويندا.

 

(8) آزاد ،مُثبت ۽ غير جانبدار پرڏيهي پاليسي

 

(i)بلوچ نيشنل موومينٽ آزاد ، مُثبت ۽ غير جانبدارانه پرڏيهي پاليسي اختيار ڪندي اقوامِ عالم سان گڏ پرامن بقاءِ باهمي جي اصول تحت برابريءَ جي بنياد تي سياسي، معاشي ، اقتصادي ،تجارتي ۽ ثقافتي تعلقات قائم ڪندي.

 

(ii)سڀني پاڙيسڙين مُلڪن سان بهتر۽ دوستاڻا تعلقات قائم ڪيا ويندا ۽ هِڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ عدم مُداخلت جي پاليسيءَ تي ڪاربند رهي ڪري هڪٻئي سان ڀائراڻا رشتا قائم رکيا ويندا.

 

(iii)بلوچ نيشنل موومينٽ بين الاقوامي سطح تي قيامِ امن ،انسانيت جي بقا، جمهوريت ،  سماجي ۽ معاشي ترقي جي حصول لاءِ امن پسند عالمي قوتن سان گڏجي جنگ ۽ ايٽمي هٿيارن جي خاتمي کي ممڪن بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪندي ۽ وسيع پئماني تي تباهي ڦهلائيندڙ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل مُلڪن جي مُخالفت ڪندي ، جيڪي اقوام مُتحدا جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪندڙ ۽ بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ هوندا.

 

(iv)بلوچ نيشنل موومينٽ نو آبادياتي ۽ جديد نو آبادياتي نظام ، نسل پرستي ۽ امتيازي سلوڪ خلاف هر محاذ تي جدوجهد ڪندي ۽ اهڙين قوتن خلاف جدوجهد ڪندڙ ملڪن ۽ سياسي تحريڪن سان مُڪمل تعاون ڪندي.

 

(v)بلوچ نيشنل موومينٽ استعماردُشمن قومي آزاديءَ جي تحريڪن ، مذدور تحريڪن ۽ جمهوريت پسند قوتن جي حمايت ڪندي ۽ قومي آزاديءَ جي حق کي هر قوم جو فطري آزاديءَ جو حق قرار ڏئي انهيءَ آفاقي اصول کي امن ، انسانيت جي بقا ، سياسي ، معاشي ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ بنيادي اساس جي حيثيت سان تسليم ڪري ٿي.

 

(9) بنيادي انساني ، جمهوري ۽ سماجي حقن جي بحاليءَ ۽ تحفظ

 

بلوچ نيشنل موومينٽ  سياسي ۽ سماجي ڍانچي کي قومي جمهوري سانچي ۾ آڻڻ لاءِ بنيادي انساني جمهوري ۽ سماجي حقن جي بحالي ۽ تحفظ لاءِ هيٺ ڏنل نقطن تي جدوجهد ڪندي :

 

(i)بلوچ نيشنل موومينٽ بلوچستان ۾ قومي جمهوري طرز سياست و معاشرت ۽ عوام جي حاڪميت قائم ڪرڻ لاءِ  عوام کي طاقت جو سرچشمو قرار ڏئي فرد هٿان فرد جي استحصال جو مڪمل خاتمو آڻيندي ۽ هر شهريء کي بنا ڪنهن رنگ ، نسل ، ذات ، جنس ۽ عقيدي جي فرق جي بلوچ قومي اقتدار جي اُمورِ اعليٰ  جي قيام ۾ حصو وٺڻ ، عهدو حاصل ڪرڻ ، عوامي ادارن ۾ چُونڊجي اچڻ ۽ مملڪتي معاملن ۾ پنهنجو نقطهءِ نظر پيش ڪرڻ جي هڪ جيتري آزادي ڏيڻ جو حق ڏيندي.

 

(ii)قومي جمهوري سياست جي سياسي پاليسيء جو بنياد عوامي جمهوري نظام تي قائم ڪيو ويندو.جيڪا عوام جي فلاح ، بهبود ، خوشحاليء ۽ ترقيءَ جي ضامن هوندي.

 

(ii)هِڪ فرد هِڪ ووٽ جي بنياد تي عوام جي راءِ جي حق کي تسليم ڪندي ان جو احترام ۽ تحفظ ڪيو ويندو. الڳ چُونڊ جي طريقي جي جاءِ تي ”بالغ راءِ دهي “ هِڪ فرد هِڪ ووٽ جي بنياد تي ”مخلوط طريقهءِ انتخاب“ جي اصول کي اختيار ڪيو ويندو ۽ تحرير ، تقرير ، تنظيم سازي  ، اظهار جي آزادي ۽ راءِ ڏيڻ جي حق جي ضمانت ڏني ويندي.

 

(iv)جنسي مَتڀيد جو خاتمو ڪيو ويندو ، معاشري ۾ عورت ۽ مرد جي هڪجهڙي ۽ برابريء جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي ۽ بلوچ قومي ترقي ۽ تعمير ۾ بلوچ عورتن جي برابري واري حصيداري کي يقيني بڻايو ويندو.

 

(v)روزگار، تعليم ، رهائش ، علاج معالجي ، خوراڪ ۽ بنيادي سهولتن کي بنيادي حق طور تسليم ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ عملي قدم کنيا ويندا.

 

(vi)ٻارن جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو، انهن جي پرورش ، تعليم ،تربيت ،صحت ۽ غذائي ضرورتن تي خاص توجهه ڏني ويندي ته جيئن اهي معاشري جي تعمير ۽ ترقيء ۾ با صلاحيت فرد جي حيثيت سان مُثبت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهن.

 

(vii)طبقاتي ۽ تجارتي بنيادن تي هلندڙ تعليمي ادارن تي پابند ي لڳائي ويندي ۽ سڀني شهرين کي هڪجهڙي تعليم جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. تعليم مفت ۽ لازمي قرار ڏني ويندي. مادري زبان ۾ تعليم کي بنيادي حق تسليم ڪري ان کي تعليمي ادارن ۾ رائج ڪيو ويندو.

 

(viii)بلوچستان جي شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ عالمي معيار جي جديد فني ، سائنسي  درسگاهن ۽ صحت جي مرڪزن کي کوليو ويندو.

(ix)مذدورن کي يونين سازي، هڙتال ڪرڻ  جي حق  ۽ اجتماعي واپار جا حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي ۽ آءِ ايل او جي چارٽر مطابق مذدورن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو. مذدورن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار مهانگائي جي تناسب سان مقرر ڪئي ويندي.

 

(x)مذدورن۽ انهن جي ٻارن جي علاج معالجي ۽ کين  تعليمي سهولتون ڏيڻ لاءِ مناسب صنعتي قانون ٺاهيا ويندا. صنعتي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ محنت جي شرطن کي آسان ڪرڻ لاءِ خاص قانوني انتظام ڪيا ويندا.

 

(xi)عوام کي فوري انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ عدليا کي انتظاميا کان الڳ ڪيو ويندو ۽ انتظاميا ۽ بيوروڪريسي کي ظلم ، بدعنوانين ۽ ٻين سماجي برائين کان پاڪ رکڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويندا ۽ انهي لاءِ قانون بڻايا ويندا.

 

(xii)سياسي معاملن ۾ آمريت ، هِڪ جمائتي طرزِ حڪومت ۽ غير جمهوري قدمن جي مخالفت ڪندي سياسي تنظيمن ۽ جمهوري ادارن جي ڪردار کي تسليم ڪندي سياسي عمل کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي.

 

(xiii)بلوچستان ۾ آباد سڀني لساني ۽ مذهبي اقليتن جي بنيادي جهموري ۽ شهري حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو. اهڙا سمورا متڀيد وارا قانون جيڪي معاشري ۾ تفريق جو سبب آهن يا بنيادي انساني حقن کي متاثر ڪري رهيا آهن ،انهن جو خاتمو ڪري سڀني شهرين کي بنا ڪنهن فرق جي هڪجهڙا حق ۽ مراعتون ڏنيون وينديون.

 

(xiv) انهن سڀني عوام دُشمن ڪاري قانونن کي ختم ڪيو ويندو،جيڪي استعماري ، نو آبادياتي ، آفيسر شاهي ، جاگيرداري ۽ گماشته سرمائيدارن جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن . ان جڳهه تي مُثبت بلوچ روايتن ، قدرن ،رسم  ۽ رواجن کي انساني حقن جي عالمي منشور سان هم آهنگ ڪري رائج ڪيو ويندو.

 

(xv)پوڙهن شهرين لاءِ اولڊ ايج هومز ۽ مرڪزي نگهداشت سينٽر قائم ڪيا ويندا. جن لاءِ اولڊ ايج بنيفٽ بيمه پاليسيون ٺاهيون وينديون.معذروي جي صورت م سمورن خرچن جي ذميداري رياست جي حوالي هوندي.پوڙهن شهرين لاءِ هر ممڪن سهولت جو انتظام ڪيو ويندو.

(xvi)بلوچستان ۾ منشيات جي تجارت ، استعمال يا ڦهلاء کي سنگين جرم قرار ڏنو ويندو.منشيات جي عادي ماڻهن جي علاج معالجي لاءِ فوري طور قدم کنيا ويندا.منشيات ۽ ٻين سماجي برائين کي روڪڻ لاءِ وسيع جدوجهد ڪئي ويندي.

  (xviiڊاڪٽرن ، انجنئيرن ، استادن ، سڀني ملازم پيشه ۽ هنرمند ماڻهن جي بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو.

(10) دفاع

 

بلوچستان رياست ۾ امن جي قيام ، جارحانه ۽ توسيع پسندانه عزائم کان پاڪ هِڪ پيشيوراڻي فوج جي تشڪيل ڏني ويندي، جيڪا پنهنجي جاگرافيائي سرحدن جو تحفظ ڪندي.

 

 

(پورو ٿيو)

bottom of page